زاهده تاج ابڙو

زاهده تاج ابڙو

زاهده تاج ابڙو

زاهده تاج ابڙو: شاعره، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن زاهده تاج 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جج هو، جنهن جي بدلي جي ڪري پرائمري تعليم مختلف شهرن ۾ حاصل ڪيائين، جن ۾ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ جيڪب آباد وغيره شامل آهن. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان 1984ع ۾ ڪيائين. انٽر زبيده ڪاليج حيدرآباد مان جڏهن ته گريجوئيشن ۽ ماسٽرس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي.
لکڻ جي شروعات پنجين درجي ۾ پڙهڻ دوران ڪيائين، شروع ۾ هڪ ڪهاڻي لکيائين. پاڻ شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ڪالم نگار آهي. سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڪالم عبرت، ڪاوش، سوڀ، عبرت مئگزين، سوجهري، سرتيون، اخبار جهان ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. پاڻ ڪافي عرصي کان مهراڻ ٽي.وي تي عورتن جي پروگرام ’بنت حوا‘ جي ميزبان جون ذميواريون به نڀائي رهي آهي. ان کانسواءِ مختلف سماجي تنظيمن سان پڻ رضاڪاراڻي نموني سهڪار ڪري ٿي جن ۾ ٻارن جي تنظيم S.P.A.R.C ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.
سندس خدمتن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ مهراڻ ٽي.وي پاران ’بيسٽ اينڪر اوارڊ‘ شامل آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڏينهن جو ڏٺل خوابڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.


لفظ زاهده تاج ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.05.29  عيسوي

شاعره، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن زاهده تاج 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فاروق سولنگي
امر لعل هنڱوراڻي
حبيب سنائي
چندو لال جئسنگهاڻي
سيد عبدالحسين موسوي
زيب سنڌي
سحر انصاري
چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ
حشمت پارواڻي
گنو سامتاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون